عثمان جي بٺي ماڳ

عثمان جي بُٺي (ماڳ): هي ڌاتو پاهڻي دور جو ماڳ عارب جي ٿاڻي، تعلقي ٿاڻي بولا خان کان 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ طرف ۽ نئن بارڻ جي اوڀر واري ڪپ تي ڳوٺ واهي پانڌيءَ لڳ موجود آهي. هن ماڳ جي ماپ 50x800x1000 فوٽ آهي. هتي پٿر جي ڀتين جون پيڙهون، ٺڪراٺو ۽ مٿاڇري تي گول لسا پٿر مليا آهن. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اڏاوت ۾ سرن بدران پٿرن جو استعمال ٿيل آهي. هن ماڳ جي چئن هنڌن تي کوٽائي ٿيل آهي، هن جي کوٽائي مشهور ماهر اين. جي. مجمدار ڪرائي هئي. کوٽائيءَ دوران ڪيترن ئي ڪمرن جون پٿرايون پيڙهون مليون آهن. ان کان سواءِ مليل وٿن ۾ انساني ۽ سامونڊي مڇين جي هڏن جا ٽڪرا چوڏهن پهڻن جا تيز اوزار، تن وارا پيالا، ڌارائڻا (Feeding Cups)، ٺڪر جا مڻڪا، ٽامي جي ڇيڻي، پٿر جا پتا، ڇلون، پٿر جو کرکرو ۽ گرهون (Jar Stands) وغيره شامل آهن. هتان مليل ٺڪراٺو آمريءَ واري ٺڪر سان مشابهت رکي ٿو. هي اَوائلي سنڌو تهذيب جو ماڳ (3300 ق. م کان 2500 ق. م تائين) ڪري ليکجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو